پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جو تسلسل برقرارآهي، مالي سال 2027ع ۾ اوسر جي شرح 3.7 سيڪڙو تائين رهڻ جي اميد آهي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت مالي سال 2026ع ۾ بهتري جو تسلسل برقرار رکيو ۽ اقتصادي اوسر جي شرح مالي سال 2025ع جي 3.2 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ وڌي 3.7 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته مالي سال 2027ع ۾ به اوسر جي شرح 3.7 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ايشين …

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت مالي سال 2026ع ۾ بهتري جو تسلسل برقرار رکيو ۽ اقتصادي اوسر جي شرح مالي سال 2025ع جي 3.2 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ وڌي 3.7 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته مالي سال 2027ع ۾ به اوسر جي شرح 3.7 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ايشين ڊولپمينٽ آئوٽ لُڪ رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 2026ع ۾ اقتصادي سرگرمين ۾ بهتري ڊگهي بنياد تي رهي، جنهن ۾ خدمتن جي شعبي جي مضبوط ڪارڪردگي، صنعتي پيداوار ۾ بحالي، زراعت جي شعبي ۾ بهتري ۽ نجي سيڙپڪاري ۾ اضافي اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته وچ اوڀر ۾ تڪرارن سبب مالي سال جي آخري ٽه ماهي ۾ اقتصادي سرگرميون متاثر ٿيون. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اقتصادي سڌارن جي تسلسل، پرڏيهي مالياتي بفرز ۾ بهتري، عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن تائين ٻيهر پهچ ۽ تازي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگز ۾ بهتري سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ نجي سيڙپڪاري کي سگهه ملڻ جي اميد آهي. جڏهن ته توانائي جون وڌندڙ قيمتون ۽ وچ اوڀر جي تڪرارن جي اثرن سميت پرڏيهي غير يقيني واري صورتحال اقتصادي اوسر ۾ وڌيڪ تيزي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿي. پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافن ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن دوران پاڪستان ڪُلي معيشت جي استحڪام کي حاصل ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، جنهن جو اظهار بهتر اقتصادي اوسر، مضبوطي پرڏيهي مالياتي بفرز، بحال ٿيندڙ مارڪيٽ اعتماد ۽ خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگز ۾ بهتري سان ٿئي ٿو. هن چيو ته نجي سيڙپڪاري ۾ اضافو، پرڏيهي لوڏن جي ڀيٽ ۾ معيشت جي لچڪ مضبوط بڻائڻ ۽ وڌيڪ مضبوط ۽ جامع اقتصادي اوسر کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڌارن جي عمل کي برقرار رکڻ انتهائي اهم آهي. رپورٽ موجب مالي سال 2026ع ۾ مينوفيڪچرنگ ۽ خدمتن جي شعبن ۾ توسيع اقتصادي اوسر کي سهارو ڏنو. ٻوڏ سبب وڏن فصلن کي ٿيل نقصانن جي باوجود زرعي شعبي جي اوسر واري شرح 2.9 سيڪڙو رهي، جڏهن ته گهٽ وياج جي شرح ۽ ڪاروباري اعتماد ۾ بهتري سبب نجي سيڙپڪاري ۾ 8.6 سيڪڙو اضافو ٿيو. رپورٽ موجب مالي سال 2026ع دوران مالياتي استحڪام جي عمل ۾ به اڳڀرائي ٿي، جڏهن ته مجموعي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو، جنهن سان پرڏيهي شعبي ۾ معيشت جي لچڪ بهتر ٿي. پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ به بهتري آئي ۽ ايس اينڊ پي جولاءِ 2026ع جڏهن ته موڊيز آگسٽ 2026ع ۾ ملڪ جي ريٽنگ اپ گريڊ ڪئي. ميڪرو اڪنامڪ استحڪام، مضبوط پرڏيهي مالياتي بفرز ۽ سڌارن تي مسلسل عملدرآمد سان معيشت جي بهتري جي عڪاسي ٿي رهي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان اپريل ۽ مئي 2026ع ۾ يورو بانڊ ۽ پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ ذريعي عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن تائين ٻيهر پهچ به حاصل ڪئي. اي ڊي بي موجب مالي سال 2026ع ۾ اوسط مهانگائي 7.1 سيڪڙو رهي جيڪا مالي سال 2025ع ۾ 4.5 سيڪڙو هئي. سال جي ٻين اڌ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ عالمي سطح تي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي سبب مهانگائي جي دٻاءُ ۾ اضافو ٿيو. رپورٽ ۾ مالي سال 2027ع دوران سراسري مهانگائي 8.3 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. توانائي لاجسٽڪس ۽ زرعي مداخلت جي بلند لاڳت سبب مقامي قيمتن تي دٻاءُ برقرار رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ پاڪستان جي اقتصادي منظرنامي کي ڪيترن ئي خطرن سان مشروط قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته وچ اوڀر جي تڪرارن ۾ شدت اچڻ سان توانائي جي امپورٽ لاڳت، مهانگائي ۽ نار ملڪن جي ليبر مارڪيٽن تي دٻاءُ وڌي سگهي ٿو، جنهن جي نتجي ۾ مٽاسٽا جو ناڻو متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڪفايت شعاري جا قدم ٻيهر متعارف ڪرائڻ جي صورت ۾ ملڪي گهُرج ۽ اقتصادي سرگرمين تي دٻاءُ وڌي سگهي ٿو، خاص ڪري ان صورت ۾ جڏهن خرچن ۾ گهٽتائي جي اميد وڌيڪ هجي. ان کانسواءِ عالمي سطح تي مالياتي حالتن جي سختي، ٽيڪس وصولين ۾ گهٽتائي، موسمي حالتن سبب زرعي شعبي کي نقصانن ۽ توانائي جي شعبي ۽ سرڪاري ادارن ۾ سڌارن ۾ دير به اقتصادي منظرنامي لاءِ اهم خطرا آهن. بئنڪ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مالياتي ۽ پرڏيهي استحڪام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي برقرار رکڻ لاءِ اقتصادي سڌارن تي مستقل ۽ موثر عملدرآمد ضروري آهي.