وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڪوئيٽا ضلعي جي علائقي شابان ۾ آپريشن ۾ 13 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ضلعي جي علائقي شابان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي ۽ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ضلعي ڪيچ ۽ ڪوئيٽا ويسٽ ۾ انٽيلي …

نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ضلعي جي علائقي شابان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي ۽ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ضلعي ڪيچ ۽ ڪوئيٽا ويسٽ ۾ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز دوران وڌيڪ 6 دهشتگردن جو مارجڻ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب حڪمت عملي جو ثبوت آهي. وزيراعظم شهيد صوبيدار محمد جميل کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد صوبيدار محمد جميل جي قرباني قوم جي لاءِ فخر جوڳي آهي. وزيراعظم شهيد صوبيدار محمد جميل جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون جاري رهنديون، غيرملڪي سرپرستي ۽ معاونت سان ٿيندڙ دهشتگردي جو هر قيمت تي خاتمو ڪيو ويندو. هن چيو ته قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي.