اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهندي، جڏهن ته شام/ رات ۾ خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ پوٽوهار خطي ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ …
ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهندي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهندي، جڏهن ته شام/ رات ۾ خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ پوٽوهار خطي ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ هوائون موجود آهن. اولهه واريون هوائن جو هڪ ڪمزور سلسلو ملڪ جي اتر اولهندي علائقن تي موجود آهي، جيڪو ڪالهه شام/ رات کان ان جي شدت ۾ اضافي جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ميداني علائقن ۾ گرم، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ جزوي جهڙالي رهي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد شهيد بينظيرآباد 46، سڪرنڊ، پڊعيدن، حيدرآباد 44 ۽ دادو ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.










