اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 830.43 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 72 هزار 232.51 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سرگرمين دوران مجموعي طور تي 571 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن مان 262 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 196 جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 113 ڪمپنين جي …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 830 پوائنٽس وڌي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 830.43 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 72 هزار 232.51 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سرگرمين دوران مجموعي طور تي 571 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن مان 262 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 196 جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 113 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتن استحڪام رهيون. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 773.59 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن جي ماليت 26.45 ارب رپيا رهي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 285.23 پوائنٽس جي اضافي سان 51 هزار 283 پوائنٽس، جڏهن ته اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 2160.35 پوائنٽس جي اضافي سان 2 لک 46 هزار 825 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 20.36 ارب رپيا ماليت جا سودا طئي ٿيا. ڪاروباري سرگرمين دوران سينر جيڪو پاڪستان لميٽيڊ جي 150.27 ملين، ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 91.07 ملين ۽ تصديق انفارميشن سروسز لميٽيڊ جي 88.64 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. اشفاق ٽيڪسٽائل ملز لميٽيڊ، ايسڪورٽس انويسٽمنٽ بئنڪ لميٽيڊ ۽ ديوان فاروق اسپننگ ملز لميٽيڊ سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.










