اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) برادر اسلامي ملڪ سعودي عرب جو 96 هون قومي ڏينهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي عرصي کان قائم تاريخي، مذهبي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي تجديد جو ڏينهن آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ قائم تعلق رڳو روايتي سفارتڪاري تائين محدود ناهي پر گڏيل عقيدت، بي مثال اعتماد، ڀائيچاري ۽ گهري احترام تي ٻڌل هڪ اهڙو لازوال رشتو آهي جيڪو وقت جي هر آزمائش …
”مڪه گڏيل دفاعي معاهدو“ پاڪ – سعودي دفاعي ڀائيواري کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ طرف تاريخي اڳڀرائي

مزید خبریں
اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) برادر اسلامي ملڪ سعودي عرب جو 96 هون قومي ڏينهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي عرصي کان قائم تاريخي، مذهبي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي تجديد جو ڏينهن آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ قائم تعلق رڳو روايتي سفارتڪاري تائين محدود ناهي پر گڏيل عقيدت، بي مثال اعتماد، ڀائيچاري ۽ گهري احترام تي ٻڌل هڪ اهڙو لازوال رشتو آهي جيڪو وقت جي هر آزمائش تي پورو لهي ٿو. ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل هي ڀائراڻو تعلق وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ پختو ٿي دفاع، علائقائي سلامتي، معيشت ۽ گهڻ رخي اسٽريٽجڪ تعاون جي هڪ وسيع دائري ڪار ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. تاريخ گواهه آهي ته ٻئي ملڪ هر ڏکئي لمحي ۽ آزمائش جي موڙ تي بنا ڪنهن هَٻڪ جي هڪ ٻئي سان گڏ بيٺا آهن ۽ گڏيل يڪجهتي جا اعليٰ ترين مثال قائم ڪيا آهن. دفاعي شعبي ۾ ٻنهي رياستن وچ ۾ وڌندڙ تعاون ۽ ”مڪه گڏيل دفاعي معاهدو“ پاڪ – سعودي دفاعي ڀائيواري کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ طرف هڪ تاريخي ۽ اهم اڳڀرائي آهي. ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ هي مضبوط عسڪري ۽ دفاعي تعاون نه رڳو گڏيل سلامتي جو ضامن آهي، پر خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ گڏيل دفاع لاءِ پختي عزم جو واضح اظهار پڻ آهي. سعودي عرب جي 96 هين قومي ڏينهن جي پرمسرت موقعي تي پوري پاڪستاني قوم ڀائر سعودي عوام ۽ سعودي قيادت کي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪندي انهن لاءِ امن، سلامتي، پائيدار ترقي ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿي. ارضِ پاڪ کان ارضِ حرم تائين پکڙيل هي رشتو ٻنهي قومن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي هميشه قائم ۽ دائم رهندو.










