سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سرڪاري دوري تي بيلاروس روانو

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سرڪاري دوري تي بيلاروس روانو ٿي ويو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب هي دورو ڪائونسل آف دي ري پبلڪ آف بيلاروس جي چيئرپرسن نتاليا ڪوچانووا جي دعوت تي ڪيو پيو وڃي. دوري جو مقصد پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ پارلياماني تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي. پاڪستان ۽ بيلاروس جي لاڳاپن ۾ …

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سرڪاري دوري تي بيلاروس روانو ٿي ويو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب هي دورو ڪائونسل آف دي ري پبلڪ آف بيلاروس جي چيئرپرسن نتاليا ڪوچانووا جي دعوت تي ڪيو پيو وڃي. دوري جو مقصد پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ پارلياماني تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي. پاڪستان ۽ بيلاروس جي لاڳاپن ۾ وڌندڙ هاڪاري اڳڀرائي ۽ سياسي، پارلياماني، اقتصادي ۽ عوامي سطح تي گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جي روشني ۾ سينيٽ چيئرمين جو هي دورو خاص اهميت رکي ٿو. دوري دوران سينيٽ چيئرمين بيلاروس جي صدر، بيلاروس جي پارليامينٽ جي قيادت ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن ۾ پاڪستان ۽ بيلاروس جي ٻطرفن لاڳاپن، پارلياماني لاڳاپن ۽ مٽاسٽا، علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. سينيٽ چيئرمين باقاعده پارلياماني مٽاسٽا، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن جي وچ ۾ اداراجاتي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ پارليامينٽ ۽ پارلياماني ڪميٽين جي ميمبرن جي وچ ۾ وڌيڪ رابطن ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏيندو. سينيٽ چيئرمين سان گڏ سينيٽر مير دوستين خان ڊومڪي، عمر فاروق ڪاسي، محسن عزيز، آغا شاهزيب دراني ۽ عامر ولي الدين چشتي به بيلاروس جي دوري تي آهن. هي دورو سينيٽ آف پاڪستان طرفان پارلياماني سفارتڪاري ۽ عالمي پارلياماني لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان جي وسيع ٻطرفن ۽ سفارتي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ آهي.