پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن فائونڊيشن، چشمه ۾ 5 ميگاواٽ هائيڊرو پاور منصوبي جي قيام جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن فائونڊيشن، پنهنجي پنجي هائيڊرو پاور پلانٽ، فائونڊيشن هائيڊل پاور پلانٽ يونٽ 05- جي قيام لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. 5 ميگاواٽ جو اهو منصوبو چشمه 5- نيوڪليئر پاور پلانٽ جي آئوٽ فال تي تعمير ڪيو ويندو، منصوبو فعال ٿيڻ کانپوءِ قومي گرڊ لاءِ ساليانو اٽڪل 30.66 ملين ڪلوواٽ آور صاف بجلي پيدا ڪندو. اربع ڏينهن پاڪستان اٽامڪ انرجي …

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن فائونڊيشن، پنهنجي پنجي هائيڊرو پاور پلانٽ، فائونڊيشن هائيڊل پاور پلانٽ يونٽ 05- جي قيام لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. 5 ميگاواٽ جو اهو منصوبو چشمه 5- نيوڪليئر پاور پلانٽ جي آئوٽ فال تي تعمير ڪيو ويندو، منصوبو فعال ٿيڻ کانپوءِ قومي گرڊ لاءِ ساليانو اٽڪل 30.66 ملين ڪلوواٽ آور صاف بجلي پيدا ڪندو. اربع ڏينهن پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن مان جاري بيان مطابق اهو منصوبو سائيٽ تي موجود پن بجلي جي صلاحيت مان فائدو کڻندو. جنهن سان آبي وسيلن جي موثر استعمال ۽ پائيدار بجلي جي پيداوار ۾ مدد ملندي. ان منصوبي سان بجلي جي پيداوار سيپٽمبر 2029ع تائين شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. معاهدي تي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن هيڊڪوارٽرز ۾ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن فائونڊيشن، چائنا اوشين انجينئرنگ ڪنسٽرڪشن ڪارپوريشن لميٽيڊ، ننگبو واٽر ڪنزروينسي اينڊ هائيڊرو پاور پلاننگ اينڊ ڊيزائن انسٽي ٽيوٽ ڪمپني لميٽيڊ ۽ حبيب رفيق انجنيئرنگ (پرائيويٽ) لميٽيڊ وچ ۾ گڏيل منصوبي تي صحيحون ٿيون. اهو منصوبو پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي وسيع تر ڪردار کي وڌيڪ تقويت ڏيندو. واضح رهي ته پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جا 6 نيوڪليئر پاور پلانٽس هن وقت قومي گرڊ کي مجموعي طور تي 3550 ميگاواٽ صاف، پائيدار ۽ گهٽ لاڳت بجلي فراهم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته نئون هائيڊرو پاور منصوبو پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن فانڊيشن جي تجديد جوڳي توانائي جي منصوبن جي دائره ڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيندو ۽ 5 ميگاواٽ صاف بجلي جو اضافو ڪندو.