لاڙڪاڻو: ايم پي اي جميل احمد سومرو طرفان شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويا

لاڙڪاڻو-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ايم پي اي لاڙڪاڻو جميل احمد سومرو طرفان شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو، معراج احمد سامٽيو انفارميشن آفيسر لاڙڪاڻو، ڊائريڪٽر فنانس سي ايم سي ڪاظم ڀٽو، ڊاڪٽر احمد علي شيخ (ڊبليو ايڇ او) ڊاڪٽر راول انصاف، ڊاڪٽر، هيلٿ ورڪر ۽ …

لاڙڪاڻو-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ايم پي اي لاڙڪاڻو جميل احمد سومرو طرفان شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو، معراج احمد سامٽيو انفارميشن آفيسر لاڙڪاڻو، ڊائريڪٽر فنانس سي ايم سي ڪاظم ڀٽو، ڊاڪٽر احمد علي شيخ (ڊبليو ايڇ او) ڊاڪٽر راول انصاف، ڊاڪٽر، هيلٿ ورڪر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي جميل احمد سومرو چيو ته پارٽي قيادت ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص هدايتن تي سڀني ايم اين ايز / ايم پي ايز، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين، ميئر، ٽائون چيئرمين، يوسيز چيئرمين ۽ پارٽي ورڪرز کي پوليو مهم ڪامياب ڪرڻ لاءِ خاص هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ نون ڄمندڙ ٻارڙن کان 05 سالن جي 349621 ٻارڙن کي1141 تربيت يافته صحت کاتي جون ٽيمون 21 سيپٽمبر کان 24 سيپٽمبر 2026ع تائين لاڙڪاڻي شهر ۽ ڳوٺن ۾ در در وڃي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارينديون. هن چيو ته پوليو هڪ موذي ۽ خطرناڪ بيماري آهي پوليو جا ڦڙا پيئڻ سان معذوري جهڙي بيماري کان محفوظ رهي سگھجي ٿو ان لاءِ هي مهم هلائي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ۽ ويڪسينيشن جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن لاڙڪاڻي شهر جي باشعور عوام ۽ خاص طور تي والدين کي گذارش ڪئي ته پوليو ٽيمن سان سهڪار ڪري پنهنجن معصوم ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاري هميشه جي معذوري کان معفوظ بڻايو وڃي. هن چيو ته صحت کاتي ۽ عالمي صحت جي ادارن سميت لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ۽ حفاظتي ٽڪا لڳائڻ واري مهم کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ان موقعي تي صحت کاتي پاران والدين کي اپيل ڪئي وئي ته هو پنهنجي ٻارن جي صحت ۽ محفوظ مستقبل لاءِ مقرر ڪيل عمر ۽ شيڊول مطابق پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ۽ حفاظتي ٽڪا لازمي لڳرائين ۽ ويڪسينيشن بابت ڪنهن به معلومات لاءِ ويجهي صحت مرڪز يا لاڳاپيل عملي سان رابطو ڪن.