نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بائراموف سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ايڪس” تي جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بائراموف سان ملاقات

مزید خبریں
نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بائراموف سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ايڪس” تي جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان ڪارائتي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم ۽ گڏيل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.











