نيو يارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسمياتي تبديلي سان موثر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ پرڏيهي مالي مدد سان گڏوگڏ ملڪي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ مالياتي گنجائش کي مستحڪم رکڻ پڻ ضروري آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي عالمي اقتصادي فورم جي فنانسنگ پلينٽ اينڊ پراسپيريٽي اجلاس ۾ …
موسمياتي تبديلي سان موثر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ ملڪي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ مالياتي گنجائش کي مستحڪم رکڻ ضروري آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب
نيو يارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسمياتي تبديلي سان موثر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ پرڏيهي مالي مدد سان گڏوگڏ ملڪي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ مالياتي گنجائش کي مستحڪم رکڻ پڻ ضروري آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي عالمي اقتصادي فورم جي فنانسنگ پلينٽ اينڊ پراسپيريٽي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. ناڻي واري وزير پاڪستان کي درپيش شديد خطرن خاص ڪري ٻوڏ سبب بنيادي ڍانچي ۽ آبادين کي پهتل نقصانن تي روشني وڌي. هنچيو ته آفتن کي منهن ڏيڻ جي نظام، اڳواٽ خبرداري وارو نظام ۽ لاڳت تي ٻڌل موسمياتي سيڙپڪاري منصوبن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ مالياتي گنجائش کي مستحڪم رکڻ به ضروري آهي. هن امداد، موسمياتي موافقت ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ عالمي سرمائي جي مارڪيٽن ذريعي مالي وسيلا حاصل ڪرڻ لاءِ جي قدمن جو به ذڪر ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته ان حوالي سان ڪنهن به ڪوتاهي جي ڪا به گنجائش ناهي ۽ عالمي موسمياتي فنڊز، سميت گرين ڪلائيميٽ فنڊ ۽ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ تي زور ڀريو ته اهي پنهنجي طريقيڪار کي آسان بڻائين ۽ موسمياتي فنانسنگ تائين پهچ کي تيز ڪن.












