اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان اربع ڏينهن يورپي يونين جي پارلياماني وفد يورپي پارليامينٽ جي ميمبر ماريا خان جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان يورپي يونين جي ميمبر ملڪن سان لاڳاپن کي تمام وڏي اهميت ڏئي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان يورپي يونين جي پارلياماني وفد جي يورپي پارليامينٽ جي ميمبر ماريا خان جي اڳواڻي ۾ ملاقات
اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان اربع ڏينهن يورپي يونين جي پارلياماني وفد يورپي پارليامينٽ جي ميمبر ماريا خان جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان يورپي يونين جي ميمبر ملڪن سان لاڳاپن کي تمام وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن چيو ته افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان کي دهشتگردي درپيش آهي، افغانستان مان دهشتگردي هڪ وڏو چئلينج آهي، پاڪستان چار ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي، ڀارت سان ڇڪتاڻ ۾ پاڪستان وڏي صبر جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان علائقائي امن لاءِ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان علائقائي تڪرارن جي پرامن حل جو خواهشمند آهي. هن چيو ته دنيا وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪري ٿي، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سخت متاثر ٿيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، عالمي برادري موسمياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري، پاڪستان جي پارليامينٽ دنيا جي پهرين گرين پارليامينٽ آهي، پارليامينٽ ۾ شمسي توانائي جو استعمال ماحول دوست قدم آهي، گرين پارليامينٽ پاڪستان جي ماحول دوست عزم جو عڪاس آهي. سردار اياز صادق چيو ته وومين پارلياماني ڪاڪس عورتن جي حقن جي تحفظ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ چائلڊ رائٽس ڪاڪس ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، پارليامينٽ ۾ اقليتي پارلياماني ميمبرن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، پاڪستان جا سڀئي ادارا اقليتن جي تحفظ ۾ مصروف آهن. هن چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان پارلياماني لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪ – يورپي يونين پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي قيام جي تجويز ڏني ۽ چيو ته پارلياماني رابطن سان گڏيل تجربن ۽ معلومات جي مٽاسٽا ٿيندي، پاڪستان ۽ يورپي يونين جا پارلياماني رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيڻ گهرجن. يورپي يونين جي پارلياماني وفد گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جو خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پاڪستان جاگرافيائي اعتبار کان انتهائي اهم ملڪ آهي، يورپي يونين پاڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته پاڪستاني قوم هڪ ثابت قدم ۽ پرامن قوم آهي.












