اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سان پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرز الائنس جي 6 رڪني وفد ملاقات ڪئي ۽ پارڪنگ مسئلن جي حل ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس شڪريو ادا ڪيو. سامونڊي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق اربع ڏينهن الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ جي قيادت ۾ وفد وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ نثار حسين جعفري، …
گڊز ٽرانسپورٽرز پاران پارڪنگ مسئلن جي حل ۾ تعاون تي وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سان ٿورن جو اظهار
اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سان پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرز الائنس جي 6 رڪني وفد ملاقات ڪئي ۽ پارڪنگ مسئلن جي حل ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس شڪريو ادا ڪيو. سامونڊي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق اربع ڏينهن الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ جي قيادت ۾ وفد وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ نثار حسين جعفري، بختاور خان وزير ۽ عمر فاروق شامل هئا. وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو ته هو ٽرانسپورٽرز جي تنظيم جي نمائندن سان گذريل ملاقات ۾ ڪيل وعدن تي اڄ به قائم آهي. هن وفد کي ٻڌايو ته پارڪنگ جي سهولت لاءِ 17 ايڪڙ ايراضي هاڻي به دستياب آهي. ايڪسل لوڊ مئنيجمنٽ جي معاملي تي وفاقي وزير ايسوسيئيشن کي بندرگاهن جي نمائندن سان اجلاس ڪري مسئلن جو قبولڻ جوڳو حل تلاش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.












