اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، بلوچستان جي ضلعي تربت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ دهشتگردن خلاف شاندار ڪاميابي تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. ريلوي واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون لازوال قربانيون ۽ بي مثال بهادري پوري قوم …
ريلوي واري وفاقي وزير پاران تربت ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ دهشتگردن خلاف ڪاميابي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش
اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، بلوچستان جي ضلعي تربت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ دهشتگردن خلاف شاندار ڪاميابي تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. ريلوي واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون لازوال قربانيون ۽ بي مثال بهادري پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. ملڪ جي امن ۽ استحڪام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون خدمتون ۽ قربانيون ناقابل فراموش آهن، جنهن کي هميشه قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. وفاقي وزير واضح ڪيو ته قوم ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجي سيڪيورٽي فورسز جي گڏ بيٺل آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته عزم استحڪام تحت شرپسند عنصر ۽ دهشتگردي خلاف اها جنگ پوري قوت ۽ پختي عزم سان جاري رهندي.












