ڪوئيٽا-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ موثر ڪارروائي ڪندي انساني اسمگلنگ جي هڪ وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ۽ عورتن ۽ ٻارن سميت 103 غيرقانوني افغانين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق ڪارروائي داناسر باءِ پاس جي علائقي ۾ ڳجهي معلومات جي بنياد تي ڪئي وئي. حراست ۾ ورتل افغاني انساني اسمگلرن جي مدد سان پاڪستان جي رستي ايران، يورپي ملڪ وڃڻ …
بلوچستان، داناسر باءِ پاس تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، انساني اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام، 103 غيرقانوني افغان شهري گرفتار
ڪوئيٽا-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ موثر ڪارروائي ڪندي انساني اسمگلنگ جي هڪ وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ۽ عورتن ۽ ٻارن سميت 103 غيرقانوني افغانين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق ڪارروائي داناسر باءِ پاس جي علائقي ۾ ڳجهي معلومات جي بنياد تي ڪئي وئي. حراست ۾ ورتل افغاني انساني اسمگلرن جي مدد سان پاڪستان جي رستي ايران، يورپي ملڪ وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. پڪڙيل سمورن ڄڻن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ جاچ لاءِ لاڳاپيل پوليس اختيارين جي حوالي ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز طرفان سرحدي علائقن ۾ انساني اسمگلنگ جي نيٽ ورڪس خلاف موثر ڪريڪ ڊائون جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ صرف هڪ هفتي دوران حراست ۾ ورتل غيرقانوني افغانين جو مجموعي انگ 129 ٿي چڪو آهي. سيڪيورٽي فوسز سرحدي پٽيءَ تي غيرقانوني چرپر جي روڪٿام ۽ ملڪي سرحدن تي قانون جي مڪمل عملداري يقيني بڻائڻ لاءِ هر وقت چوڪس آهن.












