اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 1800 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 53 هزار 936 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1800 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 53 هزار 9 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1544 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1800 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ
اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 1800 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 53 هزار 936 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1800 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 53 هزار 9 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1544 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 90 هزار 720 رپين مان گهٽجي 3 لک 89 هزار 176 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 58 هزار 173 رپين مان گهٽجي 3 لک 56 هزار 757 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن مطابق في تولو چانديءَ جي قيمت 30 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 7008 رپيا ۽ 10 گرام چانڊيءَ جي قيمت 25 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6008 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4332 ڊالرز مان گهٽجي 4314 ڊالرز ٿي وئي.












