نيويارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڪشمير مسئلو اجاگر ڪيو ويو، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي بيان ڪيل موقف تي ڳالهائڻ بدران، پنهنجي توپن جو رخ پاڪستان ۽ ترڪيه ڏانهن ڪندي هڪ نئين پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب، گڏيل قومن ۾ ڪشمير تڪرار جي دستاويزي تاريخ 1948ع کان موجود آهي، جنهن ۾ …
ترڪ صدر پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير مسئلو اٿارڻ تي ڀارتي ميڊيا تپي وئي
نيويارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڪشمير مسئلو اجاگر ڪيو ويو، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي بيان ڪيل موقف تي ڳالهائڻ بدران، پنهنجي توپن جو رخ پاڪستان ۽ ترڪيه ڏانهن ڪندي هڪ نئين پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب، گڏيل قومن ۾ ڪشمير تڪرار جي دستاويزي تاريخ 1948ع کان موجود آهي، جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جون قراردادون پڻ شامل آهن. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان بار بار عالمي سطح تي ڪشمير مسئلي کي اٿاريو آهي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ لاڳاپيل قراردادن جي فريم ورڪ اندر ڳالهين تي زور ڀريو آهي. ترڪيه پاڪستان سان ويجها سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا برقرار رکندي ڪشميرين سان به بار بار يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. مئي 2025ع جي ڀارت-پاڪستان تڪرار دوران، ترڪيه جي صدر عوامي سطح تي پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو جڏهن ته گڏ ئي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ سفارتڪاري جي حمايت پڻ ڪئي. ان ڪري ڀارت ۾ مسلسل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ۽ پاڪستان لاءِ ترڪيه جي حمايت ۽ ڪشمير بابت ان جي بيانن تي ڀارتي ميڊيا تپي وئي آهي. ڀارت مسلمان ملڪن کي عالمي پليٽ فارمن تي ڪشميري عوام جي حالتن کي اجاگر ڪرڻ کان روڪي نٿو سگهي. ترڪيه مسلسل ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اٿاريو آهي ۽ ڳالهين تي زور ڀري رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي ڪاوڙ ۽ ناراضگي نه ته گڏيل قومن ۾ ڪشمير جي تاريخ کي ختم ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي ان جي حيثيت ۽ حل جي حوالي سان جاري سفارتي ڪوششن کي روڪي سگهي ٿي.











