وڏي وزير پاران لاڙڪاڻي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 4 ڄڻن جي قتل واري واقعي جو نوٽيس، آءِ جي پوليس کان تفصيلي رپورٽ طلب

ڪراچي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 4 ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ هر صورت يقيني بڻايو وڃي ۽ لاڙڪاڻي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ اثرائتا قدم …

ڪراچي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 4 ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ هر صورت يقيني بڻايو وڃي ۽ لاڙڪاڻي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. سيد مراد علي شاهه چيو ته علائقي ۾ امن امان برقرار رکڻ سان گڏ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. هن آءِ جي پوليس کي واقعي جي جاچ ۽ امن امان جي مجموعي صورتحال بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.