ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي سنڌ 500 اليڪٽرڪ بسن جي خريداري جي سمري ڪابينا کي موڪلي ڇڏي آھي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي سنڌ 500 اليڪٽرڪ بسن جي خريداري جي سمري ڪابينا کي موڪلي ڇڏي آھي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ صوبي جي مختلف شھرن ۾ مرحلي وار نيون اليڪٽرڪ بسون ھلايون وينديون، سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي وڌائي رھي آھي. ھڪ بيان …

ڪراچي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي سنڌ 500 اليڪٽرڪ بسن جي خريداري جي سمري ڪابينا کي موڪلي ڇڏي آھي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ صوبي جي مختلف شھرن ۾ مرحلي وار نيون اليڪٽرڪ بسون ھلايون وينديون، سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي وڌائي رھي آھي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو تھ سنڌ جي اوليت آھي تھ جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سھولت رڳو ڪراچي تائين محدود نھ رھي، پيپلز بس سروس جو دائرو لڳاتار وڌايو پيو وڃي، نئين روٽس جو مقصد شھرين کي سستي ۽ بھتر سفري سھولت ڏيڻ آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ 50 ڊبل ڊيڪر بسون 30 نومبر تائين سنڌ پھچي وينديون، جن کي مختلف روٽس تي ھلايون ويندو، ڊبل ڊيڪر بسن جي اچڻ سان مسافرن کي اضافي سفر جي گنجائش ملندي. ھن چيو تھ لاڙڪاڻو، قمبر شھدادڪوٽ ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ کي عوام طرفان ڀرپور موٽ ملي رھي آھي، لاڙڪاڻي، قمبر، شھدادڪوٽ ۽ ٻين علائقن جي شھري جديد بس سروس کي ساراھي رھيا آھن، هن چيو آھي تھ اليڪٽرڪ بسن جو منصوبو سنڌ جي پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام ۾ ھڪ اھم اضافو ٿيندو، نيون اليڪٽرڪ بسون شھري علائقن ۾ ٽرانسپورٽ جي وڌندڙ مسئلن جي حل ۾ بھ مددگار ثابت ٿينديون.