نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي (يو اين جي اي) جي 81هين اجلاس جي موقعي تي بلغاريه جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويلي سلاوا پيٽرووا چاموووا سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – بلغاريه لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سياسي ۽ …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي بلغاريه جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويلي سلاوا پيٽرووا چاموووا سان ملاقات، پاڪستان – بلغاريه لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار
نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي (يو اين جي اي) جي 81هين اجلاس جي موقعي تي بلغاريه جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويلي سلاوا پيٽرووا چاموووا سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – بلغاريه لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سياسي ۽ اقتصادي سطح تي باقاعده ۽ وڌندڙ رابطن جي ذريعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هنن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي مسئلن جي حل جو واحد قابل عمل ذريعو آهي. هن علائقائي مسئلن جي حل لاءِ سفارتي ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.












