فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جا بنياد آهستي آهستي ختم ڪيا پيا وڃن: سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش

نيويارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين جي مسئلي جي حل لاءِ ٻه رياستي حل جو ڪو به متبادل ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي فرانس ۽ سعودي عرب جي گڏيل صدارت ۾ ٿيل ٻه رياستي حل بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. گڏيل قومن جي …

نيويارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين جي مسئلي جي حل لاءِ ٻه رياستي حل جو ڪو به متبادل ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي فرانس ۽ سعودي عرب جي گڏيل صدارت ۾ ٿيل ٻه رياستي حل بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل خبردار ڪيو ته وقت تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ هڪ فسلطيني رياست قائم ڪرڻ جا بنياد آهستي آهستي ختم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته هڪ سال اڳ ڪيترن ئي ملڪن فلسطين کي رياست طور تسليم ڪيو هو ۽ ان قدم ذريعي انهن ملڪن ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ته 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي ٻه رياستي حل ئي فلسطينين، اسرائيلين ۽ پوري خطي ۾ ڊگهي امن ۽ سلامتي لاءِ عمل جوڳو رستو آهي. هن خبردار ڪيو ته هن اڳڀرائي جي باوجود هڪ آزاد، جمهوري، گڏيل، عمل جوڳو ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام لاءِ ضروري حالتون مسلسل ختم ڪيون پيون وڃن. هن انصاف واري عالمي عدالت جو حوالو ڏيندي چيو ته دنيا اسرائيل جي اهڙين پاليسين ۽ قدمن جو مشاهدو ڪيو آهي جيڪي غير قانوني آهن. هن چيو ته والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي وستيون عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2334 جي منظوري کي اٽڪل هڪ ڏهاڪو گذرڻ باوجود اولهندي ڪناري سميت اوڀر بيت المقدس ۾ يهودي وستين جي توسيع غير معمولي حد تائين تيزي سان ٿي رهي آهي جڏهن ته آبادڪارن جي تشدد ۾ به ڳڻتي جوڳو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته فلسطينين جي گهرن کي ڊاهڻ، بي دخلي، لڏپلاڻ، زمينن تي قبضا ۽ مقدس ماڳن جي موجوده حيثيت ۾ تبديلي جي قدمن اهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ فلسطيني خاندان پنهنجي گهرن ۽ زمينن کان محروم ٿي رهيا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل والاريل بيت المقدس جي اوڀر ۾ اسرائيل جي اي ون سيٽلمنٽ منصوبي جو به ذڪر ڪندي چيو ته ان منصوبي تي اڳڀرائي هڪ گڏيل ۽ قابل عمل فلسطيني رياست جي قيام جي امڪانن کي سخت نقصان پهچائيندي. غزه جي حوالي سان هن چيو ته تباهي ۽ مايوسي ۾ گهريل خاندانن لاءِ بهتر مستقبل جا واعدا اُن وقت تائين بي معنيٰ آهن جيستائين زميني صورتحال ۾ حقيقي تبديلي نه اچي. هن چيو ته غزه بابت امن منصوبي تي مڪمل عملدرآمد ضروري آهي. هن چيو ته ٻه رياستي حل جي حمايت هاڻي رڳو بيانن تائين محدود نه رهڻ گهرجي پر ان کي پاليسين، فيصلن ۽ عملي قدمن ۾ به نظر اچڻ گهرجي. هن حڪومتن تي زور ڀريو ته هو اسرائيلي وستين جي توسيع روڪين، الحاق جي ڪوششن کي ناڪام بڻائين، فلسطيني ادارن ۽ انهن جي مالي صلاحيت جي حمايت ڪن ۽ قبضي جي خاتمي ۽ فلسطينين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ اعتماد جوڳي سياسي عمل کي اڳتي وڌائين. هن چيو ته مقصد واضح آهي ته اسرائيل ۽ فسلطين تي ٻڌل ٻه آزاد، خودمختيار ۽ جمهوري رياستون، جيڪي 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي محفوظ ۽ تسليم ٿيل سرحدن اندر هڪ ٻئي سان امن ۽ سلامتي سان رهن ۽ يروشلم ٻنهي رياستن جي گادي جو هنڌ هجي.