گڏيل قومون -23 سيپٽمبر (اي پي پي) جاپان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ فوري سڌارن جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته موجوده جوڙجڪ اڄ جي عالمي حقيقتن جي عڪاسي نٿي ڪري . ميڊيا موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس کي خطاب ڪندي جاپان جي وزيراعظم چيو ته سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل ۽ غير مستقل ٻنهي ميمبرن جي انگ ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. ان موجب عالمي …
جاپان جي وزيراعظم پاران سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جو مطالبو، مستقل ۽ غير مستقل ميمبرن جو انگ وڌائڻ تي زور

مزید خبریں
گڏيل قومون -23 سيپٽمبر (اي پي پي) جاپان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ فوري سڌارن جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته موجوده جوڙجڪ اڄ جي عالمي حقيقتن جي عڪاسي نٿي ڪري . ميڊيا موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس کي خطاب ڪندي جاپان جي وزيراعظم چيو ته سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل ۽ غير مستقل ٻنهي ميمبرن جي انگ ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. ان موجب عالمي امن ۽ استحڪام جي قيام جي ذميدار سلامتي ڪائونسل پنهنجي موجوده شڪل ۾ 1945ع جي عالمي صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿي. جاپان جي وزيراعظم چيو ته جاپان ڪيترن ئي سالن کان سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جي حمايت ڪندو آيو آهي ۽ ان حوالي سان فوري اڳڀرائي ضروري آهي، هن گڏيل قومن جي چارٽر مان دشمن رياستن جا اصطلاح به ختم ڪرڻ تي زور ڀريو. هن ياد ڏياريو ته سال 2005 ع ۾ گڏيل قومن جي عالمي سربراهي ڪانفرنس جي ٺهراءَ ۾ چارٽر مان ان اصلاح جي حوالن کي ختم ڪڻ جي عزم جو اظهار ڪيو هيو . سانائي تاڪائچي چيو ته بدلجندڙ عالمي حالتن سبب گڏيل قومن جي اداري کي موجوده عالمي صورتحال سبب هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي.











