اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ- آمريڪا لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي گڏيل صورتحال تي تفصيلي ڳاليهون ڪيون ويون. گهرو وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران خطي ۾ امن استحڪام۽ ٻه طرفن گڏيل رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي آمريڪي …
وفاقي گهرو وزير سان آمريڪي سفير جي ملاقات، گڏيل لاڳاپن تي ڳالهيون

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ- آمريڪا لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي گڏيل صورتحال تي تفصيلي ڳاليهون ڪيون ويون. گهرو وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران خطي ۾ امن استحڪام۽ ٻه طرفن گڏيل رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي لازوال قربانين جو اعتراف ڪندي انهن جي واکاڻ ڪئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان دنيا ۽ دهشتگردي وچ ۾ هڪ مضبوط ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.











