اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقي پشڪان ۾ اسمگلنگ جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ نيوي ۽ ڪوسٽ گارڊز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو وزير گڏيل آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ٽيم جي اعليٰ پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪندي چيو ته ٻنهي ادارن وقت تي جوائنٽ آپريشن ذريعي وڏي مقدار ۾ پابندي پيل …
وفاقي گهرو وزير پاران بلوچستان جي علائقي پشڪان ۾ اسمگلنگ جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ نيوي ۽ ڪوسٽ گارڊز کي خراج پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 سيپٽمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقي پشڪان ۾ اسمگلنگ جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ نيوي ۽ ڪوسٽ گارڊز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو وزير گڏيل آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ٽيم جي اعليٰ پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪندي چيو ته ٻنهي ادارن وقت تي جوائنٽ آپريشن ذريعي وڏي مقدار ۾ پابندي پيل شين جي اسمگلنگ جو منصوبو ناڪام بڻايو. هن چيو ته اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي ادارن وچ ۾ اثرائتن رابطن ۽ گڏيل سهڪار جي نتيجي ۾ اها ڪارروائي ڪامياب ٿي آهي. محسن نقوي چيو ته اسمگلنگ ملڪي معيشت لاءِ زهر برابر آهي جنهن جون پاڙون پٽڻ لاءِ سمورا دارا سرگرم آهن. هن واضح ڪيو ته اسمگلنگ ۾ ملوث مافيا خلاف رياست جي زيرو ٽالرنس پاليسي بنا ڪنهن فرق جي جاري رهندي.











