رياض-23 سيپٽمبر(اي پي پي) سعودي قيادت کي مملڪت جي 96 هين قومي ڏينهن تي نار ۽ عرب اڳواڻن مبارڪون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سعودي عرب جي شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي يوم وطني تي مبارڪن جا پيغام موڪليا آهن. هن ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران مختلف شعبن ۾ مملڪت جي ڪاميابين ۽ عالمي برادري ۾ ان جي …
سعودي عرب جي قومي ڏينهن تي نار ۽ عرب اڳواڻن جون سعودي قيادت کي مبارڪون

مزید خبریں
رياض-23 سيپٽمبر(اي پي پي) سعودي قيادت کي مملڪت جي 96 هين قومي ڏينهن تي نار ۽ عرب اڳواڻن مبارڪون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سعودي عرب جي شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي يوم وطني تي مبارڪن جا پيغام موڪليا آهن. هن ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران مختلف شعبن ۾ مملڪت جي ڪاميابين ۽ عالمي برادري ۾ ان جي اهم حيثيت جي تعريف ڪئي. هن سعودي عرب ۽ بحرين وچ ۾ گهرن ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر جو اظهار ڪيو . ٻنهي ملڪن جي گڏيل مقصدن ۽ عوام جي امنگن جي تڪميل لاءِ استريٽجڪ حصيداري تحت گڏيل تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو. بحرين جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حمد آل خليفه به سعودي قيادت کي مبارڪن جو پيغام موڪليو آهي. ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح شاهه سلمان بن عبدالعزيز کي قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪون ڏنيون. پنهنجي پيغام ۾ هن سعودي عرب، ڪويت ۽ ان جي عوام کي ڳنڍيندڙ گهرن ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪيو. عمان جي فرمانروا هيثم بن طارق پاران شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان کي مبارڪن جو پيغام موڪليو. سلطان هيثم بن طارق دلي مبارڪون ڏنيون، مملڪت جي لڳاتار خوشحالي ۽ استحڪام جي خواهش جو اظهار ڪيو. ياد رهي ته سعودي عرب جو قومي ڏينهن ( يوم وطني) هر سال 23 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو آهي.











