گڏيل قومون ڊگهي عرصي کان يوڪرين تڪرار جي خاتمي جو مطالبو ڪري رهيون آهن: ترجمان

گڏيل قومون-23 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ڊگهي عرصي کان يوڪرين تڪرار جي خاتمي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانون موجب تڪرار جي حل تي زور ڀريندو پيو اچي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي يوڪرين بحران جي مدي بابت بيان تي تبصرو ڪندي عالمي ميڊيا کي ٻڌايو ته سيڪريٽري جنرل …

گڏيل قومون-23 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ڊگهي عرصي کان يوڪرين تڪرار جي خاتمي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانون موجب تڪرار جي حل تي زور ڀريندو پيو اچي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي يوڪرين بحران جي مدي بابت بيان تي تبصرو ڪندي عالمي ميڊيا کي ٻڌايو ته سيڪريٽري جنرل ڊگهي عرصي کان يوڪرين ۾ جاري تڪرار جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل يوڪرين تڪرار جو اهڙو خاتمو چاهي ٿو جيڪو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانون موجب هجي .