افغانستان ۾ سيڪيورٽي بحران شدت اختيار ڪري ويو: رپورٽ

ڪابل -23 سيپٽمبر (اي پي پي) افغانستان ۾ سيڪيورٽي بحران سنگين رخ اختيار ڪري ويو آهي. افعانستان ۾ طالبان مخالف مزاحمتي تحريڪن جي ڪاررواين ۾ نمايان تيزي ڏٺي پئي وڃي. تاجڪستان جي سرحد ويجهو صوبي ۾ ٿيل چڪرين امن ۽ مڪمل ضابطي واري طالبان جي بيانيي تي سوال اٿاريا آهن. آگسٽ جي مهيني ۾ طالبان رجيم خلاف گهٽ ۾ گهٽ 50 مزاحمتي ڪارروايون ڪيون ويون. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي …

ڪابل -23 سيپٽمبر (اي پي پي) افغانستان ۾ سيڪيورٽي بحران سنگين رخ اختيار ڪري ويو آهي. افعانستان ۾ طالبان مخالف مزاحمتي تحريڪن جي ڪاررواين ۾ نمايان تيزي ڏٺي پئي وڃي. تاجڪستان جي سرحد ويجهو صوبي ۾ ٿيل چڪرين امن ۽ مڪمل ضابطي واري طالبان جي بيانيي تي سوال اٿاريا آهن. آگسٽ جي مهيني ۾ طالبان رجيم خلاف گهٽ ۾ گهٽ 50 مزاحمتي ڪارروايون ڪيون ويون. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مئي کان جولاءِ دوران سڄي ملڪ ۾ 2،947 سيڪيورٽي واقعا رپورٽ ٿيا جيڪي پوئين سال جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو وڌيڪ آهن جڏهن ته 14 هٿيار بند گروهن 21 صوبن ۾ 88 وڏن حملن جي ذميواري قبول ڪئي آهي.