گڏيل قومون - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني معاملن واري انڊر سيڪريٽري جنرل ٽام فليچر يمن جي صورتحال تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته يمن ۾ انساني ضرورت تيزي سان وڌي رهي آهي. بک جي سطح ۾ خوفناڪ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسان يمن ۾ ڏڪار ويجهو آهيون. يميني ڌرتي تي ويڙهه جي ٻيهر شروع ٿيڻ کان پوءِ يمن …
يمن ۾ انساني ضرورتون تيزي سان وڌي رهيون آهن: گڏيل قومون
گڏيل قومون – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني معاملن واري انڊر سيڪريٽري جنرل ٽام فليچر يمن جي صورتحال تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته يمن ۾ انساني ضرورت تيزي سان وڌي رهي آهي. بک جي سطح ۾ خوفناڪ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسان يمن ۾ ڏڪار ويجهو آهيون. يميني ڌرتي تي ويڙهه جي ٻيهر شروع ٿيڻ کان پوءِ يمن ۾ انساني صورتحال تيزي سان بگڙجڻ لڳي آهي. گڏيل قومن جي اندازي مطابق سيپٽمبر جي شروع کان ئي لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ يمني رهواسي جبوتي ۾ داخل ٿي چڪا آهن. ٻارڻ جو بحران وڌيڪ شهرين کي ڇڪتاڻ وارن علائقن مان نڪرڻ کان روڪي رهيو آهي. هن چيو ته يمن ۾ موجود گڏيل قومن جي امدادي ادارن جي ڪارڪنن کي تشدد جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته ڪيترائي ڪارڪن اتي گرفتار به ڪيا ويا آهن.











