مقدس هنڌن تي حوثين جا حملا برداشت جوڳا ناهن: او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل

رياض - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسماعيل اولد شيخ احمد  چيو آهي، ته سعودي عرب ۾ مقدس ماڳن کي هدف بڻائي حملا ڪرڻ برداشت جوڳا ناهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه هن حوثين پاران مڪه ريجن طرف ڊرون موڪلڻ جي ڪوشش کان پوءِ هڪ انٽرويو دوران چئي. ان ڊرون کي سعودي فضائي دفاع منع ڪيل هوائي حدن ۾ داخل ٿيڻ …

رياض – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسماعيل اولد شيخ احمد  چيو آهي، ته سعودي عرب ۾ مقدس ماڳن کي هدف بڻائي حملا ڪرڻ برداشت جوڳا ناهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه هن حوثين پاران مڪه ريجن طرف ڊرون موڪلڻ جي ڪوشش کان پوءِ هڪ انٽرويو دوران چئي. ان ڊرون کي سعودي فضائي دفاع منع ڪيل هوائي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي مڪه مڪرمه جي ڏکڻ ۾ تباهه ڪري ڇڏيو هو. اسلامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سعدوي عرب جي حوثي حملن  جو مقابلو ڪرڻ ۾ دانشمندي جي تعريف ڪندي  چيو آهي، ته سعودي دفاعي نظام گذريل سموري عرصي دوران شهرين ۽ شهري ٺڪاڻن خلاف حوثي مليشيا جي ڪوششن کي ناڪام بڻايو آيه.ه ن سعودي عرب جي پنهنجي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن سان عالمي، عرب ۽ اسلامي دنيا طرف يڪجهتي جو اظهار به ڪيو.