ناڻي واري وزير جي ڪوپ 31 ايڪشن ايجنڊا جي حمايت، موسمياتي منصوبن تي موثر عملدرآمد جي ضرورت آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

نيويارڪ – 22  سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪوپ 31 ايڪشن ايجنڊا لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته بنيادي چئلينج موسمياتي منصوبن جي جوڙجڪ ناهن پر ان تي موثر عملدرآمد آهي. ناڻي واري وزير انهن خيالن جو اظهار ڪوپ 31 جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو. هن پاڪستان پاران ايجنڊا جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي چيو ته اها …

نيويارڪ – 22  سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪوپ 31 ايڪشن ايجنڊا لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته بنيادي چئلينج موسمياتي منصوبن جي جوڙجڪ ناهن پر ان تي موثر عملدرآمد آهي. ناڻي واري وزير انهن خيالن جو اظهار ڪوپ 31 جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو. هن پاڪستان پاران ايجنڊا جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي چيو ته اها ايجنڊا پاڪستان جي قومي موسمياتي ترجيحن ۽ قومي سطح تي تعين ڪيل شراڪت اين ڊي سي ٿري سان هم آهنگ آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب موسمياتي تبديلين سان پاڪستان جي شديد حساسيت کي اجاگر ڪندي چيو ته صاف توانائي ۽ بجلي جي استعمال ۾ توسيع، تجديد جوڳي توانائي کي هٿي وٺائڻ، توانائي جي موثر استعمال تي ٻڌل عمارتن، موسمياتي تبديلين کان محفوظ شهرن، موسمياتي تعليم ۽ عوامي آگاهي، غذائي تحفظ ۽ موسمياتي لحاظ کان مضبوط زراعت کي گڏيل ترجيحون قرار ڏنو. ناڻي واري وزير اي – ڊي سي جي واعدن کي سيڙپڪاري جوڳن ۽ مالي مدد جوڳن منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيل ڪلائيميٽ امپليمنٽيشن برج جي آجيان ڪئي. هن زور ڀريو ته هاڻي بنيادي چئلينج موسمياتي منصوبن جي جوڙجڪ ناهن پر ان تي اثرائتو عملدرآمد آهي. هن ايڪشن ايجندا ۾ واضح عملي قدمن ۽ ڪارڪردگي جي اهم اهڃاڻن کي ساراهيندي ان کي عملي، نتيجن تي ٻڌل ۽ پيمائش جوڳن اثرن تي ڌيان قرار ڏنو.