اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ واري نظام، شروعاتي خبرداري نظام ۽ لاڳت تي ٻڌل موسمياتي سيڙپڪاري منصوبن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پرڏيهي مدد سان گڏ ملڪي وسيلن ۽ مالياتي گنجائش کي به ڪتب آڻڻ ضروري آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ …
قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي نظام ۽ لاڳت تي ٻڌل موسمياتي سيڙپڪاري منصوبن جي مضبوطي لاءِ پرڏيهي مدد، ملڪي وسيلن ۽ مالياتي گنجائش کي به ڪتب آڻڻ ضروري آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب
اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ واري نظام، شروعاتي خبرداري نظام ۽ لاڳت تي ٻڌل موسمياتي سيڙپڪاري منصوبن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پرڏيهي مدد سان گڏ ملڪي وسيلن ۽ مالياتي گنجائش کي به ڪتب آڻڻ ضروري آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڪيترن ئي اعليٰ سطح جي اجلاسن ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي.ناڻي واري وزير پاڪستان جي درپيش موسمياتي خطرن، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي ترجيحن، ڊجيٽل تبديلي ۽ ٽوڪنائيزيشن جي موقعن ۽ موسمياتي وعدن کي عملي ۽ سيڙپڪاري جوڳن قدمن ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي روشني وڌي ۽ ان حوالي سان پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. عالمي اقتصادي فورم جي فنانسنگ پلينٽ اينڊ پراسپيريٽي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيل قدرتي آفتن خاص ڪري ٻوڏن سبب بنيادي ڍانچي ۽ عوام جي درپيش شديد خطرن کي اجاگر ڪيو. هن قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ واري نظام، شروعاتي خبرداري نظام ۽ لاڳت تي ٻڌل موسمياتي سيڙپڪاري منصوبن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پرڏيهي مدد سان ملڪي وسيلن ۽ مالياتي گنجائش کي به ڪتب آڻي سگهجي ٿو. ناڻي واري وزير امداد، موسمياتي هڪجهڙائي ۽ نئين سر تعمير لاءِ عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن ذريعي مالي وسيلا متحرڪ ڪرڻ جو حوالو ڏنو جڏهن ته هن غفلت کان پاسو ڪرڻ تي زور ڀريندي گرين ڪلائميٽ فنڊ ۽ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ سميت عالمي موسمياتي فنڊز کان مطالبو ڪيو ته هو پنهنجي طريقيڪار کي آسان بڻائين ۽ مالي مدد تائين پهچ کي تيز ڪن. ملاقاتن ۾ معاشي موقعن کي سگهه ڏين ۽ مالياتي شموليت کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڊجيٽل جدت جي ڪردار تي به ڌيان ڏنو. گڏيل قومن ڊجيٽل تعاون ڊي 2026ع بلاڪ چين ۽ ٽوڪنائيزڊ مستقبل: نيڪسٽ جنريشن ڊجيٽل پبلڪ انفرا اسٽرڪچر لاءِ خودمختيار چونڊ ۽ حفاظتي قدمن جي افتتاحي خطاب ۾ سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان ۾ ريگيوليٽڊ ورچوئل اثاثه جات جي فريم ورڪ طرف ٿيندڙ اڳڀرائي کي اجاگر ڪيو. هن زور ڀريو ته ٽوڪنائزيشن کي حقيقي معاشي ضرورتن سان هم آهنگ هئڻ گهرجي جن ۾ گهٽ لاڳت وارو پرڏيهه مان ايندڙ ناڻو، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن لاءِ مالي مدد، خودمختيار قرض ۽ وسيع مالياتي پهچ شامل آهن. هن چيو ته نجي شعبي ۾ جدت کي مضبوط رياستي حفاظتي قدمن، جامع ڊجيٽل بنيادي ڍانچي ۽ عالمي تعاون ذريعي هٿي ڏيڻ گهرجي جڏهن ته اڀرندڙ معيشتن کي عالمي معيارن جي جوڙجڪ ۾ مڪمل طور شامل ڪرڻ ضروري آهي. موسمياتي قدمن ۽ ترقياتي فنانسنگ تي وسيع ڌيان جي تسلسل ۾ هن ڪوپ 31 ايڪشن ايجنڊا جاري ڪرڻ ۾ به شرڪت ڪئي جتي هن ايجنڊا لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي چيو ته اهو پاڪستان جي قومي موسمياتي ترجيحن ۽ قومي سطح تي تعين ڪيل شراڪت اين ڊي سي ٿري سان ڀرپور هم آهنگي رکي ٿو. هن پاڪستان کي درپيش شديد موسمياتي خطرن کان اجاگر ڪندي صاف توانائي ۽ بجلي جي استعمال ۾ توسيع، تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ، توانائي جي موثر استعمال تي ٻڌل عمارتن، موسمياتي تبديلين کان محفوظ شهرن، موسمياتي تعليم ۽ عوامي آگاهي، غذائي تحفظ ۽ موسمياتي لحاظ کان مضبوط زراعت کي گڏيل ترجيحون قرار ڏنو. تجويز ڪيل ڪلائميٽ امپليمينٽيشن برج جي آجيان ڪندي ناڻي واري وزير ان کي اين ڊي سي جي وعدن جي سيڙپڪ ۽ مالي مدد جوڳن منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ جو موثر ذريعو قرار ڏنو. هن زور ڀريو ته بنيادي چئلينج هاڻي منصوبن جي جوڙجڪ ناهي پر ان تي موثر عملدرآمد آهي. هن ايڪشن ايجنڊا ۾ واضح عملي قدمن ۽ ڪارڪردگي جي اهم اهڃاڻن کي ساراهيندي ان کي عملي، نتيجن تي ٻڌل ۽ پيمائش جوڳن اثرن تي ڌيان قرار ڏنو.











