اسلام آباد - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن گروپ جي پروبيشنري سول آفيسرز جي هڪ گروپ اڱاري ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو جتي کين اسٽيٽ ايجنسي جي پيشيواراڻي ڪم بابت بريفنگ ڏني وئي. ڊائريڪٽر انفارميشن سروس اڪيڊمي مهرين لياقت جي قيادت ۾ پربيشنرز جو اهو دورو 43هين خصوصي تربيتي پروگرام (ايس ٽي پي) جو حصو هو جنهن جو مقصد انفارميشن اينڊ براڊ …
انفارميشن گروپ جي پروبيشنري سول آفيسرز جي گروپ پاران اي پي پي هيڊڪوارٽرز جو دورو
اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن گروپ جي پروبيشنري سول آفيسرز جي هڪ گروپ اڱاري ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو جتي کين اسٽيٽ ايجنسي جي پيشيواراڻي ڪم بابت بريفنگ ڏني وئي. ڊائريڪٽر انفارميشن سروس اڪيڊمي مهرين لياقت جي قيادت ۾ پربيشنرز جو اهو دورو 43هين خصوصي تربيتي پروگرام (ايس ٽي پي) جو حصو هو جنهن جو مقصد انفارميشن اينڊ براڊ ڪاسٽنگ واري وزارت جي مختلف ونگز ۽ واڳيل ادارن بابت معلومات حاصل ڪرڻ هئي. اي پي پي جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ قومي مفاد ۾ قابل اعتماد خبرن جي پهچ سان گڏوگڏ مثبت بيانيو جوڙڻ ۾ اي پي پي جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اي پي پي هڪ متحرڪ نيوز ايجنسي جي طور تي ترقي ڪري رهي آهي جيڪا خبرن، تصويرن، وڊيوز ۽ ڊيجيٽل مواد جي شڪل ۾ هڪ ئي وقت مواد جي پهچ جا گهڻ رخا طريقا اختيار ڪري رهي آهي. هن اي پي پي جي وسيع اداراجاتي نيٽ ورڪ بابت وفد کي آگاهه ڪيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ هيڊڪوارٽر، علائقائي بيوروز، اسٽيشنز، غيرملڪي نمائندا ۽ سڄي ملڪ ۾ پارٽ ٽائيم نمائندن جو وڏو انگ شامل آهي. وفد کي ٻڌايو ويو ته اي پي پي 50 کان وڌيڪ ملڪن جي سرڪاري نيوز ايجنسين سان خبرن جي ڏي وٺ جا معاهدا ڪيا آهن جيڪي عالمي سطح تي پاڪستان جي بيانيي کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار آهن. ڊائريڪٽر نيوز اي پي پي شمائله عندليب، ڊائريڪٽر اردو سروس عبدالجبار ذڪريا ۽ ڊائريڪٽر وڊيو نيوز سروس ربنواز باجوه اي پي پي جي مختلف شعبن جي ڪم بابت بريفنگ ڏني. وفد اي پي پي جي سينٽرل نيوز ڊيسڪ، رپورٽنگ، اردو سروس، اسٽوڊيوز ۽ ڊيٽا سينٽر جو دورو ڪيو جتي سول سروس جي پروبيشنرز نيوز آپريشنز ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.











