نيويارڪ - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان کي ٽيليفون ڪئي ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻو ملتوي ڪرڻ جو چيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته حڪومت معاشي طور تي ڪمزور ۽ وچولي طبقي کي هنن مُشڪل حالتن ۾ پيٽروليم مصنوعات تي رليف فراهم ڪري رهي آهي ۽ جيتري قدر ٿي سگهيو عوام …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان کي ٽيليفون، اسلام آباد ۾ ڌرڻو ملتوي ڪرڻ جو چيو
نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان کي ٽيليفون ڪئي ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻو ملتوي ڪرڻ جو چيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته حڪومت معاشي طور تي ڪمزور ۽ وچولي طبقي کي هنن مُشڪل حالتن ۾ پيٽروليم مصنوعات تي رليف فراهم ڪري رهي آهي ۽ جيتري قدر ٿي سگهيو عوام کي رليف جي فراهمي يقيني بڻائيندي رهندي. امير جماعت اسلامي وزيراعظم جي تجويز جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته جماعت اسلامي ڌرڻو ملتوي ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. ٻنهي اڳواڻن وزيراعظم جي دوري کانپوءِ ملاقات ڪرڻ ۽ ان ڳالهه تي وڌيڪ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.











