نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ليبيا جي پرڏيهي معاملن ۽ بين الاقوامي تعاون جي وقتي وزير الطاهر الباعور سان ملاقات

نيويارڪ- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ليبيا جي پرڏيهي معاملن ۽ بين الاقوامي تعاون جي وقتي وزير الطاهر الباعور سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران علائقائي، عالمي ۽ وچ اوڀر ۾ بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ليبيا جي …

نيويارڪ- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ليبيا جي پرڏيهي معاملن ۽ بين الاقوامي تعاون جي وقتي وزير الطاهر الباعور سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران علائقائي، عالمي ۽ وچ اوڀر ۾ بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ليبيا جي وچ ۾ مختلف شعبن، خاص طور تي واپار، تعليم ۽ ڪاروباري سطح تي رابطن سميت دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ علائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت وچ اوڀر ۾ بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هُنن علائقائي امن، توانائي جي فراهمي ۽ عالمي معيشت، خاص طور تي اسرندڙ ملڪن تي ان جي اثرن جي باري ۾ به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ليبيا جي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي تعميري سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته علائقائي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري ئي واحد قابل عمل ذريعا آهن، علائقائي استحڪام جي فروغ جي لاءِ سڀني ڌرين کي اسلام آباد مفاهمتي ياداشت طرف واپس اچڻ گهرجي.

مزید خبریں