گڏيل قومون - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي راهه تي ٻيهر گامزن ٿيڻ ۽ سمورين ڌرين پاران اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعلى نمائنده سان ملاقات، اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور

مزید خبریں
گڏيل قومون – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي راهه تي ٻيهر گامزن ٿيڻ ۽ سمورين ڌرين پاران اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعلى نمائنده ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر ڪاجا ڪلاس سان ملاقات ڪئي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان حصيداري خاص طور تي واپار ۽ معاشي تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن يورپي يونين سان پاڪستان جي واپاري لاڳاپن جي حوالي سان جي ايس پي پلس جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تازي علائقائي اڳڀرائي دوران پاڪستان سان تعميري مصروفيتن، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ڪوششن جي اعتراف تي يورپي يونين کي ساراهيو. هن ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي راهه تي ٻيهر گامزن ٿيڻ ۽ سمورين ڌرين پاران اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.










