نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي فرانسيسي پرڏيهي وزير جين نوئل بيروٽ سان ملاقات، علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد / نيويارڪ - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي فرانس جي يورپ ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير جين نوئل بيروٽ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ فرانس جي ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. …

اسلام آباد / نيويارڪ – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي فرانس جي يورپ ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير جين نوئل بيروٽ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ فرانس جي ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سياسي رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليمي رابطن ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فلسطين جي مسئلي جي ٻه رياستي حل جي لاءِ فرانس جي ڪوششن کي ساراهيو جن ۾ اسرائيلي بستين مان شين جي درآمدات محدود ڪرڻ جو فرانس جو فيصلو پڻ شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فلسطين جو مسئلو عالمي ايجنڊا ۾ بدستور اعلى ترجيح تي رهڻ گهرجي. ٻنهي اڳواڻن مسئلي جي منصفاڻي، پائيدار ۽ جامع حل جي لاءِ مسلسل عالمي ڪوششن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ايران جي صورتحال جي حوالي سان ٻنهي طرفن کان بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسلسل سفارتي رابطن ۽ علائقائي ڪوششن جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن وسيع تر اقتصادي اثرن جي ڏس ۾ سامونڊي اچ وڃ جي سلامتي، آزاداڻي رواني ۽ توانائي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. فرانسيسي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو جڏهن ته علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ڳالهه ٻولهه جي فروغ جي لاءِ علائقائي فورمز مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں