قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پاران غذائي تحفظ ۽ عام صحت جي تحفظ لاءِ عالمي سطح تي مربوط قدمن تي زور

روم- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين  چيو آهي ته ون هليٿ پاڪستان جي غذائي تحفظ، لائيو اسٽاڪ جي پيداوار، ٻهراڙي جي آبادي لاءِ روزگار ۽ پائيدار زراعت لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو. هن زور ڀريو ته عالمي سطح تي ڪيل واعدن کي قومي سطح تي موثر عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ لاڳاپيل شعبن وچ ۾ موثر …

روم- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين  چيو آهي ته ون هليٿ پاڪستان جي غذائي تحفظ، لائيو اسٽاڪ جي پيداوار، ٻهراڙي جي آبادي لاءِ روزگار ۽ پائيدار زراعت لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو. هن زور ڀريو ته عالمي سطح تي ڪيل واعدن کي قومي سطح تي موثر عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ لاڳاپيل شعبن وچ ۾ موثر رابطاڪاري ۽ بهتر عملدرآمد اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري (ايف اي او) جي انتظام هيٺ ون هيلٿ ان ايگري فوڊ سسٽمز ڪانفرنس جي سلسلي ۾ ڪوٺايل عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير چيو ته پاڪستان صحتمند ۽ وڌيڪ مضبوط لائيو اسٽاڪ ۽ غذائي پيداواري نظام کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، هن بيمارين جي روڪٿام، حياتياتي تحفظ جي موثر انتظام، جراثيم ماريندڙ دوائن جي ذميواراڻي استعمال ۽ وٽرنري خدمتن کي مضبوط بڻائڻ کي جانورن ۽ انساني صحت جي تحفظ ۽ زرعي پيداوار جي تسلسل لاءِ ضروري قرار ڏنو. چراغان ۽ لاڏائو ماڻهو چوپايو مال پاليندڙ برادرين جي اهميت اجاگر ڪندي وفاقي وزير چيو ته هي برادريون پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ معيشت ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ کين وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جانورن جي صحت جي خدمتن، پاڻي، گاهه ۽ مارڪيٽن تائين بهتر رسائي سان انهن برادرين جي روزگار کي بهتر بڻائڻ سان چراگاهن جي پائيدار انتظام ۾ پڻ مدد ملندي، خوراڪ جي تحفظ جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته فصل کان صارف تائين جي خوراڪ جي پوري زنجير جي هر مرحلي تي معيار ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. هن غذائي مرضن ۽ جراثيم مار دوائن خلاف مزاحمت جي نگراني جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ون هيلٿ جي مربوط فريم ورڪ تحت دوائن جي ذميواراڻي استعمال کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. راڻا تنوير حسين لائيو اسٽاڪ جي پيداوار ۽ گهريلو غذائيت ۾ عورتن جي اهم ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٻهراڙي جي عورتن کي علم، خدمتن، ٽيڪنالاجي، مالي وسيلن ۽ مارڪيٽن تائين بهتر رسائي فراهم ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن انهن جي روزگار کي مستحڪم بڻائڻ ۽ ون هيلٿ جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته انساني صحت جو تحفظ جانورن، ٻوٽن ۽ ماحول جي صحت تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ممڪن ناهي، ان گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ محفوظ، مضبوط ۽ پائيدار زرعي غذائي نظام جوڙڻ لاءِ لاڳاپيل شعبن وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. روم ۾ ٿيل ايف اي او جي هي ڪانفرنس زرعي ۽ غذائي نظام ۾ ون هيلٿ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڳالهين، عملي قدمن کي عالمي پليٽ فارم فراهم ڪري رهي آهي جتي موثر حل ۽ گڏيل تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

مزید خبریں