نيويارڪ- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙي پاڪستاني وفد سان گڏ نيويارڪ پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم جي دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ خاص مددگار طارق فاطمي ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم 25 سيپٽمبر 2026ع …
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ نيويارڪ پهچي ويو

مزید خبریں
نيويارڪ- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙي پاڪستاني وفد سان گڏ نيويارڪ پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم جي دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ خاص مددگار طارق فاطمي ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم 25 سيپٽمبر 2026ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندو، جنهن ۾ ڊائلاگ، سفارتڪاري ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو ويندو. وزيراعظم خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ امن ۽ استحڪام کي فروغ لاءِ پاڪستان جي فعال سفارتي ۽ ثالثي جي ڪوششن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ پائيدار ترقي، موسمياتي تبديلي، دهشتگردي خلاف جنگ، اسلاموفوبيا ۽ عالمي اقتصادي چئلينجن سميت اهم عالمي مسئلن تي پاڪستان جُون ترجيحون پيش ڪندو. وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ڊگهي عرصي کان جاري قبضي ۽ خود اراديت جي حق کان محرومي جي مسئلن تي عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائيندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ترقي، موسمياتي قدمن ۽ ٻين اهم معاملن جي حوالي سان ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو ۽ پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ موجُود مختلف عالمي اڳواڻن ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ٻطرفيُون ملاقاتون ڪندو.










