نيويارڪ- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو ۽ سفارتي، سرڪاري ۽ خصوصي پاسپورٽ تي ويزي جي ٻطرفي ڇوٽ جي معاهدي جي آجيان ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجبا اها ملاقات گڏيل قومن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات

مزید خبریں
نيويارڪ- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو ۽ سفارتي، سرڪاري ۽ خصوصي پاسپورٽ تي ويزي جي ٻطرفي ڇوٽ جي معاهدي جي آجيان ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجبا اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سعودي عرب سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي ان تي تازن حملن جي مذمت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن مڪه مڪرمه گڏيل دفاع معاهدي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ معاهدي جي حساب سان تعاون کي مضبوط ڪرڻ ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ سلامتي کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۽ گڏيل مفادن جي علائقائي ۽ ٻطرفن معاملن تي ويجهو تعاون جاري رکڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو.










