سنڌ جي گورنر پاران عوامي جمهوريه چين جي 77 هين يوم تاسيس تي چيني حڪومت ۽ عوام کي دلي واڌايون

ڪراچي- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي عوامي جمهوريه چين جي 77 هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ چيني قونصليٽ  ڪراچي ۾ منعقد تقريب کي بطور خاص مهمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي چيني حڪومت ۽ عوام کي دلي واڌايون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هر آزمائش ۾ ثابت قدم رهي آهي، جڏهن ته پاڪ چين دوستي گڏيل …

ڪراچي- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي عوامي جمهوريه چين جي 77 هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ چيني قونصليٽ  ڪراچي ۾ منعقد تقريب کي بطور خاص مهمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي چيني حڪومت ۽ عوام کي دلي واڌايون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هر آزمائش ۾ ثابت قدم رهي آهي، جڏهن ته پاڪ چين دوستي گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائپي وارا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. گورنر چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) ٻنهي ملڪن جي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن جو عملي مظهر آهي. سي پيڪ وسيلي صنعت، واپار، سيڙپڪاري ۽ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا. پاڪ چين سهڪار هاڻ نفراسٽريڪچر کان اڳتي وڌي صنعت، ٽيڪنالاجي،زراعت ۽ جدت جي شعبن تائين پکڙجي رهيو آهي.هن چيو ته چين جي ترقي پاڪستان لاءِ تجربن ۽ گڏيل سهڪار جا نوان موقعا فراهم ڪري ٿي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ سهڪار اقتصادي ۽ معاشي ترقي سان گڏوگڏ عوامي رابطن کي به وڌيڪ هٿي ڏئي رهيو آهي. سيد نهال هاشمي چيو ته پاڪ چين مضبوط دوستي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ اهم آهي. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پراڻا ۽ آزمايل لاڳاپا گڏيل سهڪار جا مضبوط بنياد آهن، جن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي. گورنر چيني حڪومت ۽ عوام لاءِ ترقي، خوشحالي ۽ ڪاميابي جي نئين سفر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.تقريب جي پڄاڻيءَ تي گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي، چيني قائم مقام قونصل جنرل، سنڌ جي وڏي وزير ، عمان جي قونصل جنرل ۽ ٻين معزز مهمانن سان گڏ عوامي جمهوريه چين جي 77هين قومي ڏينهن جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.

مزید خبریں