گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران ايران جو سرڪاري دورو، ايراني هم منصب سان ملاقات، ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ

تهران- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن نقوي سرڪاري دوري تي تهران پهچي ويو، جتي هن ايراني هم منصب اسڪندر مومني سان تفصيلي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي غور ڪيو ويو، گهرو وزارت جي ترجمان موجب تهران پهچڻ تي ايراني گهرو وزير ايئرپورٽ تي سندس استقبال ڪيو. بعد ۾ وفاقي وزير ايراني گهرو وزارت …

تهران- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن نقوي سرڪاري دوري تي تهران پهچي ويو، جتي هن ايراني هم منصب اسڪندر مومني سان تفصيلي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي غور ڪيو ويو، گهرو وزارت جي ترجمان موجب تهران پهچڻ تي ايراني گهرو وزير ايئرپورٽ تي سندس استقبال ڪيو. بعد ۾ وفاقي وزير ايراني گهرو وزارت جو دورو ڪيو جتي کيس باضابطه آجياڻو ڏنو ويو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ گڏيل لاڳاپن ۽ خطي جي تازه ترين صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارتن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ جاري گڏيل تعاون تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ايراني گهرو وزير علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي مخلصاڻين ڪوششن کي ساراهيندي سندن ٿورو مڃيو. هن چيو ته خطي ۾ جٽادر امن جي قيام جي سلسلي ۾ پاڪستان جون مسلسل ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن ۽ هو ان جا شڪر گذار آهن. ايراني گهرو وزير پنهنجي پاڪستان جي هاڻوڪي دوري جو حوالو ڏيندي ان کي انتهائي مفيد ۽ نتيجا ڏيندڙ قرار ڏنو. ان موقعي تي وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا ڀائراڻا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندا ۽ ٻئي ملڪ گڏيل مفادن ۽ علائقائي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم جاري رکندا.

مزید خبریں