ايشين گيمز: پاڪستاني باڪسر سمامه رحمان تاجڪستان جي باڪسر خلاف اڱاري ڏينهن ميدان ۾ لهندو

اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستاني باڪسر سمامه رحمان جاپان ۾ جاري ايشين گيمز جي باڪسنگ جي ايونٽ ۾ تاجڪستان جي باڪسر صوفي جنان معراج خلاف (اڄ) اڱاري ڏينهن تي ميدان ۾ لهندو. گذريل ڏينهن پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي صدر ڪرنل (ر) ناصر اعجاز تنگ ٻڌايو ته جاپان ۾ جاري ايشين گيمز ۾ چار پاڪستاني باڪسرز حصو وٺي رهيا آهن، جن ۾ 2 مرد ۽ 2 عورتون باڪسرز …

اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستاني باڪسر سمامه رحمان جاپان ۾ جاري ايشين گيمز جي باڪسنگ جي ايونٽ ۾ تاجڪستان جي باڪسر صوفي جنان معراج خلاف (اڄ) اڱاري ڏينهن تي ميدان ۾ لهندو. گذريل ڏينهن پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي صدر ڪرنل (ر) ناصر اعجاز تنگ ٻڌايو ته جاپان ۾ جاري ايشين گيمز ۾ چار پاڪستاني باڪسرز حصو وٺي رهيا آهن، جن ۾ 2 مرد ۽ 2 عورتون باڪسرز شامل آهن. مردن جي ويب ڪيٽگريز ۾ سمامه رحمان 55 ڪلو گرام ۽ عرفان خان 92 ڪلو گرام جي مقابلن ۾ جڏهن ته عورتن جي ويٽ ڪيٽگريز ۾ فاطمه زهره 60 ڪلو گرام ۽ ماريه رند 51 ڪلو گرام مقابلن ۾ حصو وٺنديون. ان باڪسرز سان گڏ ڪوچنگ جا فرض محمد طارق صديقي(پاڪستان واپڊا) ۽ محمد لياقت مغل(پاڪستان نيوي) انجام ڏئي رهيا آهن. ايشين گيمز ۾ باڪسنگ جو ايونٽ 21 سيپٽمبر کان 2 آڪٽوبر تائين جاري رهندو.

مزید خبریں