حج جا خواهشمند گهر ويٺي درخواست رد ڪري سگهن ٿا:  مذهبي معاملن واري وزارت

اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي، ته اهڙا سرڪاري يا پرائيويٽ حج جا خواهشمند جيڪي ڪنهن مجبوري تحت پنهنجي حج درخواست رد ڪرڻ يا واپس وٺڻ چاهين ته اهي آسانيءَ سان گهر ويهي درخواست ڏئي سگهن ٿا. جمعي ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته درخواست رد ڪرڻ جو عمل پاڪ حج ايپ مينجمينٽ پورٽل ذريعي مڪمل …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي، ته اهڙا سرڪاري يا پرائيويٽ حج جا خواهشمند جيڪي ڪنهن مجبوري تحت پنهنجي حج درخواست رد ڪرڻ يا واپس وٺڻ چاهين ته اهي آسانيءَ سان گهر ويهي درخواست ڏئي سگهن ٿا. جمعي ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته درخواست رد ڪرڻ جو عمل پاڪ حج ايپ مينجمينٽ پورٽل ذريعي مڪمل ڪرڻو پوندو. درخواست رد ڪرڻ جي صورت ۾ رقم جي واپسي حج جي خواهشمندن طرفان فراهم ڪيل آءِ بي اي اين نمبر ذريعي سڌي ريت سندن بئنڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪري سگهبي ته جيئن اهو ياد رهي ته رد ٿيل درخواست ٻيهر بحال نه ٿيندي، تنهن ڪري درخواست رد جو وارو قدم سوچي سمجهي کڻڻ گهرجي.

مزید خبریں