ايف جي اي ايڇ اي جي منصوبن کي تيزي سان اڳيان وڌايو ويندو: رياض حسين پيرزاده

اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) هائوسنگ واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو آهي، ته ايف جي اي ايڇ اي جي مختلف هائوسنگ منصوبن کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ، الاٽيز کي پلاٽن جو قبضو فراهم ڪرڻ ۽ التويٰ هيٺ منصوبن جي تڪميل لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا ويندا.  ويٽنگ لسٽ ۾ موجود الاٽيز لاءِ نئين هائوسنگ اسڪيم متعارف ڪرائڻ تي به ڪم جاري آهي. هن اها ڳالهه …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) هائوسنگ واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو آهي، ته ايف جي اي ايڇ اي جي مختلف هائوسنگ منصوبن کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ، الاٽيز کي پلاٽن جو قبضو فراهم ڪرڻ ۽ التويٰ هيٺ منصوبن جي تڪميل لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا ويندا.  ويٽنگ لسٽ ۾ موجود الاٽيز لاءِ نئين هائوسنگ اسڪيم متعارف ڪرائڻ تي به ڪم جاري آهي. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن هائوسنگ ۽تعميرات واري وزارت ۾ فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي 52هين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ايف جي اي ايڇ اي جي جاري هائوسنگ منصوبن، تازي اڳڀرائي، هاڻوڪي ڪامياب نيلامي ۽ مستقبل جي لائحه عمل جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير ايف جي اي ايڇ اي جي هاڻوڪي ڪامياب نيلامي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اٿارٽي جي مسلسل محنت جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن ۽ سيڙپڪارن جي  طرفان ايف جي اي ايڇ اي اعتماد جو اظهار خوشي جي ڳالهه آهي.  هن وزيراعظم پاڪستان جي ويزن موجب هائوسنگ واري وزارت ۽ ايف جي ايڇ اي جي ڪوششن کي ساراهيندي هائوسنگ واري سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر جنرل کي هاڻوڪي ڪامياب نيلامي تي مبارڪون پڻ ڏنيون.

مزید خبریں