بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن پاران ڪوهاٽ پوليس لائين ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد ڪوهاٽ پوليس لائينز ڌماڪي جي مذمت ڪندي، چيو آهي، ته ڪوهاٽ پوليس لائينز ڌماڪي تي ڳڻتي ۽ افسوس ٿيو آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته ڌماڪي جي زخمين کي فوري ۽ بهتر طبي امداد فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته جمعي جي مقدس ڏهاڙي تي انساني جانين کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد ڪوهاٽ پوليس لائينز ڌماڪي جي مذمت ڪندي، چيو آهي، ته ڪوهاٽ پوليس لائينز ڌماڪي تي ڳڻتي ۽ افسوس ٿيو آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته ڌماڪي جي زخمين کي فوري ۽ بهتر طبي امداد فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته جمعي جي مقدس ڏهاڙي تي انساني جانين کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. دهشتگردي خلاف پوري قوم کي متحد ٿي موثر قدم کڻڻا پوندا. سينيٽر روبينه خالد چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏجي ڪم ڪن. خيبر پختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال تي فوري توجهه ڏيڻ جي ضرورت  آهي. لاڳاپيل ادارا واقعي جي مڪمل جاچ ڪري حقيقتون قوم آڏو آڻين. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڌماڪي جي متاثرن ۽ سندن ڪٽنبن جي ڏک ۾ شريڪ آهي.

مزید خبریں