وفاقي وزير خالد حسين مگسي پاران ڪوهاٽ ۾ ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ڪوهاٽ ۾ پراڻي پوليس لائينز ويجهو ٿيل ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ بخشش لاءِ دعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ ڏکويل ڪٽنب کي صبر عطا فرمائي. هن زخمين جي …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ڪوهاٽ ۾ پراڻي پوليس لائينز ويجهو ٿيل ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ بخشش لاءِ دعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ ڏکويل ڪٽنب کي صبر عطا فرمائي. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي ذريعي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي جدوجهد ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته فتنه الخوارج خلاف قومي جدوجهد ۾ پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته دهشتگردي جا واقعا اسان جي بهادر سيڪيورٽي اهلڪارن جي عزم کي شڪست نٿا ڏئي سگهن. قوم امن ۽ استحڪام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.

مزید خبریں