وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاران ڪوهاٽ ۾ ٿيل ڌماڪي جي شديد مذمت

اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڪوهاٽ ۾ پراڻي پوليس لائينز ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ انجنيئر امير مقام ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير واقعي ۾ شهيد ٿي ويلن جي بخشش ۽ درجن …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڪوهاٽ ۾ پراڻي پوليس لائينز ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ انجنيئر امير مقام ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير واقعي ۾ شهيد ٿي ويلن جي بخشش ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. جڏهن ته ڏکويل ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي کين صبر ۽ استقامت جي دعا ڪئي. انجنيئر امير مقام چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ هڪ غير انساني ۽ مذمت جوڳو عمل آهي. هن لاڳاپيل ادارن تي زور ڀريو ته زخمين جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪوتاهي نه ڪئي وڃي ۽ متاثرن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي.

مزید خبریں