سنڌ جي وڏي وزير ٿاڻو بولا خان سان تعلق رکندڙ بينائيءَ کان محروم باصلاحيت شاگرد هنس راج کي خاص اعزاز سان نوازيو

ڪراچي-18 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿاڻو بولا خان سان تعلق رکندڙ بينائيءَ کان محروم باصلاحيت شاگرد هنس راج کي خاص اعزاز سان نوازيو جيڪو تعليمي ڪاميابي، خودمختياري ۽ عزم جو هڪ شاندار مثال بڻجي اڀريو آهي. هنسراج جنهن بورڊ آف انٽرميڊيٽ ايجوڪيشن ڪراچي جي سال 2025ع واري امتحانن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ان تقريب ۾ اين اي …

ڪراچي-18 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿاڻو بولا خان سان تعلق رکندڙ بينائيءَ کان محروم باصلاحيت شاگرد هنس راج کي خاص اعزاز سان نوازيو جيڪو تعليمي ڪاميابي، خودمختياري ۽ عزم جو هڪ شاندار مثال بڻجي اڀريو آهي. هنسراج جنهن بورڊ آف انٽرميڊيٽ ايجوڪيشن ڪراچي جي سال 2025ع واري امتحانن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ان تقريب ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ معذور ماڻهن جي اختيارين واري کاتي  جي سيڪريٽري طحهٰ فاروقي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هنسراج ننڍي ڄمار ۾ ئي پنهنجي اکين جي جوت وڃائي ويٺو ۽ نظر ختم ٿيڻ کانپوءِ هو ٽي سال اسڪول کان ٻاهر رهيو. هو ننڍي هوندي ئي پنهنجي والد جي شفقت کان پڻ محروم رهيو، جنهن ڪري سندس خاندان سندس مستقبل جي تعليم بابت غير يقيني صورتحال جو شڪار هو. سندس زندگي ان وقت تبديل ٿي وئي جڏهن هو ڊي اي پي ڊي جي هڪ شريڪ تنظيم آئيڊا ريو ۾ شامل ٿيو جتي کيس تعليمي مدد، هاسٽل جي سهولت ۽ خودمختياري پيدا ڪرڻ جا موقعا مليا. اڄ هو اين اي ڊي يونيورسٽي مان 3.93 سي جي پي اي سان بي ايس ڪمپيوٽر سائنس جي پڙهائي ڪري رهيو آهي. هن انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان ذريعي پنهنجي پروفيشنل تعليم کي پڻ جاري رکيو. هڪ وڏي اڳڀرائي ۾ آئي سي اي پي تصديق ڪئي آهي ته هنس راج جولاءِ 2026 ۾ ٿيل پري-ريڪوئزٽ ڪمپيٽنسيز امتحان ڪاميابي سان پاس ڪري ورتو آهي جنهن کانپوءِ هو سي اي ايف امتحان ۾ ويهڻ جو اهل بڻجي ويو آهي. هنسراج ڪمپيوٽر تي بورڊ جا امتحان ڏيندڙ پهريون نابين شاگرد بڻجي ويو، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيئن پهچ ۾ ايندڙ ٽيڪنالاجي نظر جي معذوري رکندڙ شاگردن لاءِ تعليم ۾ رڪاوٽون ختم ڪري سگهي ٿي. تعليم کان هٽي ڪري، هن هڪ عالمي روئنگ ريگاٽا ۾ تامي جو تمغو کٽيو ۽ ماڊل يونائيٽيڊ نيشنز  جي تقريبن ۾ بهترين نمائندي جا ايوارڊ حاصل ڪيا آهن. هو پنهنجي دوستن سان گڏ آئيڊا ريو لاءِ هڪ مڪمل پهچ واري ويب سائيٽ تي پڻ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هڪ مربوط چيٽ بوٽ شامل آهي. اهو پروجيڪٽ هن وقت پنهنجي آخري مرحلن ۾ آهي. عالمي خواندگي واري ڏينهن تي وڏي وزير ۽ سنڌ حڪومت جا ٿورا مڃيندي، هنس راج چيو ته سندس تجربي مان معذور ماڻهن لاءِ تعليم جي تبديل ڪندڙ طاقت ظاهر ٿئي ٿي. هن چيو ته خواندگي ذريعي معذور ماڻهن کي سگهه ڏيڻ سان زندگيون بدلجي سگهن ٿيون، خاندانن ۽ برادرين کي مضبوط بڻائي سگهجي ٿو معاشي خودمختياري جا رستا ٺاهي سگهجن ٿا، ۽ هڪ وڌيڪ جامع، مستحڪم ۽ مضبوط پاڪستان ۾ حصو وجهي سگهجي ٿو. تقريب ۾ ڪيل اعلان موجب ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه سڄي سنڌ جي يونيورسٽي ويندڙ شاگردن لاءِ گوگل ۽ ميٽا جي مفت اي آءِ ڪلاسن لاءِ 100 ملين رپين جي گرانٽ جو اعلان ڪيو. هنسراج جو سفر – هڪ اهڙي نابين ٻار کان وٺي جنهن اسڪول ڇڏي ڏنو هو هڪ  ڪراچي بورڊ ٽاپر، اين اي ڊي يونيورسٽي جو شاگرد، بين الاقوامي اٿليٽ ۽ آئي سي اي پي پي آر سي جو ڪامياب اميدوار بڻجڻ تائين – هڪ اهڙو مثال بڻجي ويو آهي ته تعليم ۽ سهڪار تائين پهچ ڇا ڪجهه ممڪن بڻائي سگهي ٿي. سندس آئي سي اي پي جي هن تازي ڪاميابيءَ سندس پروفيشنل سفر ۾ ايندڙ دروازو کولي ڇڏيو آهي جيڪو سي اي ايف امتحان آهي. هنسراج لاءِ اهو سفر رڳو ذاتي ڪاميابيءَ بابت ناهي پر ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ بابت آهي ته ٻين معذور ٻارن کي پڻ سکڻ، مقابلو ڪرڻ، ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ خودمختيار زندگي گذارڻ جو موقعو ڏنو وڃي.