صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايتن تي لاڙڪاڻي، قمبر ۽ شھدادڪوٽ جي عوام جي لاءِ پيپلز بس سروس جو نئون روٽ شروع

ڪراچي - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايتن تي لاڙڪاڻي، قمبر ۽ شھدادڪوٽ جي عوام جي لاءِ پيپلز بس سروس جو نئون روٽ شروع ڪيو ويو آھي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آھي تھ نئون روٽ شروع ٿيڻ سان لاڙڪاڻي، قمبر ۽ شھداڪوٽ جي شھرين کي جديد، آرامدھ ۽ …

ڪراچي – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايتن تي لاڙڪاڻي، قمبر ۽ شھدادڪوٽ جي عوام جي لاءِ پيپلز بس سروس جو نئون روٽ شروع ڪيو ويو آھي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آھي تھ نئون روٽ شروع ٿيڻ سان لاڙڪاڻي، قمبر ۽ شھداڪوٽ جي شھرين کي جديد، آرامدھ ۽ سستي سفري سھولت ملندي.ھن چيو تھ پيپلز بس سروس کي سنڌ جي مختلف ضلعن تائين وڌايو پيو وڃي تھ جيئن وڌ کان وڌ شھرين کي معياري پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سھولت ڏئي سگھجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت جو عزم آھي تھ صوبي جي ھر علائقي جي شھرين کي جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سھولت ڏني وڃي ۽ عوام کي بھترين ۽ سستي سفري سھولت ڏني وڃي، عوام کي بھترين ۽ سستي سھولت ڏيڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آھي. سندس چوڻ ھو تھ عوام کي بھتر سفري سھولتن جي فراھمي لاءِ مختلف ضلعن ۾ پيپلز بس سروس جا وڌيڪ روٽس بھ شروع ڪيا پيا وڃن، جنھن سان شھرين کي محفوظ، آرامدھ ۽ ڀروسي جوڳي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سھولت حاصل ٿيندي.