ڪراچي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان گورنر هائوس ۾ چين جي وقتي قونصل جنرل ،سينيٽر شيري رحمان ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سعديه جاويد ڌار ڌار ملاقاتون ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران چين جي وقتي قونصل جنرل فينگ ڊيهنگ گورنر سنڌ جي سهري، سيد امام رضا ڪريم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي فينگ ڊيهنگ چيو ته …
سنڌ جي گورنر سان گورنر هائوس ۾ چين جي وقتي قونصل جنرل ،سينيٽر شيري رحمان ۽ ايم پي اي سعديه جاويد جون ڌار ڌار ملاقاتون، تعزيت جو اظهار
ڪراچي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان گورنر هائوس ۾ چين جي وقتي قونصل جنرل ،سينيٽر شيري رحمان ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سعديه جاويد ڌار ڌار ملاقاتون ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران چين جي وقتي قونصل جنرل فينگ ڊيهنگ گورنر سنڌ جي سهري، سيد امام رضا ڪريم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي فينگ ڊيهنگ چيو ته چين جو عوام ۽ قونصليٽ هن ڏک جي گهڙي ۾ گورنر سنڌ ۽ سندس ڪٽنب جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهن. سينيٽر شيري رحمان ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سعديه جاويد به گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي سان سندس سهري سيد امام رضا ڪريم جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. سينيٽر شيري رحمان ۽ سعديه جاويد بيگم گورنر سنڌ سان به سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي دلي همدردي جو اظهار ڪيو. گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪرڻ تي چين جي وقتي قونصل جنرل ،سينيٽر شيري رحمان ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سعديه جاويد جا ٿورا مڃيا.












