صدر پاران خيبر پختونخوا ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخوا ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران شهيد ٿيندڙ بهادر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو …

اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخوا ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران شهيد ٿيندڙ بهادر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون قوم جي عزم ۽ حوصلي کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون، پاڪستان جا بهادر پٽ مُلڪ جي دفاع ۽ امن لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون وسارڻ جوڳيُون نه آهن. صدر شهيد جوانن جي پونئرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندانن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي آهي.

مزید خبریں